دشنت راجا

دشنت، راجا: راجا دشنت، مهاڀارت جي ڪال ۽ هندن جي جوتش ۽ گيان جي عقيدي موجب ’دُئاپر يُگ‘ ۾ هاڪارو راجا ٿي گذريو آهي. ننڍي کنڊ برصغير جي لوڪ ادب توڙي ڪلاسيڪل ادب ۾ راجا دشنت ۽ راڻي شڪنتلا جو وڏو ڪردار رهيو آهي. راجا دشنت جي ماءُ جو نالو الينا (Ilina) ۽ پيءُ جو نالو راٿنتر (Rathantara) هو. هن سنڌ کان سواءِ گنڌار (گنڌار- قنڌار، جيڪو هن وقت افغانستان جو حصو آهي) ۾ پڻ حڪومت ڪئي. چيو وڃي ٿو ته ان وقت سنڌ جون سرحدون اوڀر ۾ گنگا جي ڪناري تائين ۽ اولهه ۾ قنڌار تائين هيون. راجا دشنت ۽ شڪنتلا جي پريم ڪهاڻيءَ کي هنديءَ جي جڳ مشهور ڪوي ڪاليداس منظوم ڪيو آهي. هندي ادب ۾ هي منظوم قصو هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. دشنت کي شڪنتلا ديويءَ مان هڪ سلڇڻو ۽ سپوت ٻالڪ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو ڀرت رکيو ويو. ڀرت راجا به ٿيو، جيڪو بهترين سورمو، وديا (ڄاڻ) ۽ استر شاستر وديا جو ڄاڻو، راڄنيتيءَ ۾ ڪامل، ڏاهو ۽ نهايت ئي ذهين هو. ڀرت جي نالي پٺيان ئي موجوده ڀارت ملڪ کي ’ڀارت ورش‘ جو نالو مليو هو.
روايت آهي ته سندس تاج ۽ تخت کسجڻ کان پوءِ راجا دشنت رشين منين جي آشرمن ۾ رهي پنهنجي جان بچائيندو رهيو. انهن آشرمن ۾ هستناپور جي راجا وشوامتر جي نهايت حسين ڌيءَ شڪنتلا رهندي هئي، جتي راجا دشنت ۽ شڪنتلا جي ملاقات ٿي ۽ اها ملاقات محبت ۾ تبديل ٿي وئي ۽ اڳتي هلي شاديءَ جي انجام تائين پهتي. گنڌروا طريقي جي ان شاديءَ مطابق راجا دشنت کيس پنهنجي پريم جي نشاني، هٿ جي منڊي ڏئي وچن ڏنو ته پهريائين مان پنهنجي حڪومت ۽ تخت ۽ تاج هٿ ڪندس، ان کان پوءِ جيڪڏهن راجا بڻيس ته شادي ڪندس ۽ جي مارجي ويس يا راجائي ماڻي نه سگهيس ته راجا جي ڌيءَ سان شادي نه ڪندس. اهو انجام ڏئي دشنت، شڪنتلا کان رشين جي آشرم مان موڪلائي روانو ٿيو. اهو رشين جو آشرم اڄ به راجسٿان جي علائقي ۾ محفوظ ۽ موجود آهي، جتي سياح گهمڻ لاءِ ويندا آهن.
شڪنتلا کان موڪلائڻ کان پوءِ راجا دشنت پنهنجي راجائي حاصل ڪئي ۽ حڪومت جي ڪمن ۾ ايترو ته گهيرجي ويو، جو شڪنتلا کي وساري ويهي رهيو. ٻيءَ روايت موجب آشرم ۾ رشي ’درواسا‘ جي اچڻ تي شڪنتلا جو رشيءَ کي ڀوڄن ڪرائڻ جي ڳالهه وسري وئي، ان تي رشيءَ انتهائي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ اچي کيس سراپ ڏنو ته تون جنهن جي باري ۾ سوچين پئي، اهو تو کي هميشه لاءِ وساري ڇڏيندو. بهرحال شڪنتلا، دشنت جي پيار ۾ ڳرندي ۽ پڄرندي رهي. هڪ ڏينهن دشنت جي ڏنل مُنڊي شڪنتلا کان پاڻيءَ ۾ ڪِري پئي، جنهن کي هڪ مڇي ڳهي وئي. نيٺ شڪنتلا رشين جي چوڻ تي پنهنجي راڄڌانيءَ واري ملڪ هستناپور کان ٻاهر نڪتي ۽ دشنت جي نگريءَ ۾ پهچي دشنت کي پنهنجي پيار ڪهاڻيءَ جي ياد ڏياريائين، پر وٽس منڊي نه هئڻ ڪري راجا دشنت مٿس ويساهه نه ڪيو. نيٺ رشين جي مدد سان شڪنتلا کي مُنڊي حاصل ٿي ۽ ٻئي پريمي هميشه لاءِ هڪٻئي جا ٿي ويا.
هڪ روايت اها به آهي ته شڪنتلا جو پيءُ راجا وشوامتر وڏي تڪبر وارو ماڻهو هو، جيڪو هر ڪنهن شخص توڙي راجا کي پاڻ کان گهٽ ڪري ليکيندو هو. دشنت ۽ شڪنتلا جي پريم ڪهاڻيءَ ۾ رشين جو به وڏو ڪردار آهي. انهن دشنت ۽ شڪنتلا کي راجا جو هَٺ ٽوڙڻ ۽ کيس زندگيءَ جي بهترين سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ آماده ڪيو. شڪنتلا، دشنت جي پريم ۾ ايتري ته موهجي وئي هئي، جو کيس ڪا به سُڌ نه رهندي هئي. ڌيءَ جي اها حالت ڏسي وشوامتر تمام گهڻو پشيمان ٿيو ۽ ڌيءَ جي خوشيءَ خاطر اها مُنڊي ڳولائي، نيٺ راجا دشنت اڳيان جهڪيو. جنهن کانپوءِ راجا دشنت ۽ شڪنتلا جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو